سچل سرمست ۽ ان جا همعصر

سچل سرمست ۽ ان جا همعصر

سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر

سچل سرمست ۽ ان جا همعصر (ڪتاب): هي ڪتاب نوجوان اديـب، محـقـق ۽ سچـل شـناس ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جي پي. ايڇ. ڊي جي تحقيقي مقالي تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هي تحقيقي مقالو پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق جي رهبريءَ ۾ 2007ع ۾ لکي پورو ڪيو، جنهن تي کيس ڊاڪٽريءَ جي سند حاصل ٿي. هي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي.
باب پهريون: سچل سرمست جي سوانح حيات: هن ۾ سلسله نسب سان گڏ (الف) فاروقي خاندان جي سنڌ ۾ آمد ۽ درگاهه درازا شريف جي سلسلي جي ڏهن بزرگن جو ميان صاحبڏني فاروقيءَ کان وٺي سخي قبول محمد (چهارم) جو تذڪرو شامل آهي. (ب) سچل سائينءَ جي سوانح حيات: هن ۾ ولادت، ننڍپڻ، تعليم ۽ تربيت کان وٺي همعصرن سان لاڳاپن، وصال، مدفن ۽ روضي جو ذڪر شامل آهي.
باب ٻيو: سچل سرمست جي دور جو جائزو: هن باب ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت، ٽالپر دور حڪومت، سنڌ جي ورهاست رياست خيرپور جي تاريخ ۽ اتان جي مير حڪمرانن جو تذڪرو ڏنو ويو آهي.
باب ٽيون: سچل سرمست جي شاعريءَ جو مختصر جائزو: هن باب ۾ (الف) ۽ (ب) هيٺ سچل سرمست جي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو ورتو ويو آهي.
باب چوٿون: سچل سرمست جا همعصر: هن بابت هيٺ (الف) طالب/ ٻالڪا، (ب) عقيدتمند، (ج) دسوت تذڪري هيٺ آندا ويا آهن.
باب پنجون: سچل سرمست جا همعصر شاعر (تقابلي اڀياس) ان بعد حوالا، حاشيا ۽ ببليوگرافي ڏني وئي آهي.
ڊيمي سائيز جي 352 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2011ع ۾ ڇپايو آهي ۽ اُن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو